Read Anywhere and on Any Device!

Special Offer | $0.00

Join Today And Start a 30-Day Free Trial and Get Exclusive Member Benefits to Access Millions Books for Free!

Read Anywhere and on Any Device!

  • Download on iOS
  • Download on Android
  • Download on iOS

Rin Te Chandoki (Poetry)

Ayoob Khoso
4.9/5 (11319 ratings)
Description:ڌرتيءَ جو شاعر: ايوب کوسوايوب کوسو، سنڌ جي ڏات نگر جو اهو وهائو تارو آهي، جيڪو پرھ جي پڪ ڏئي ٿو. هو سنڌ جي نئين نسل جي مزاحمتي شعور جي علامت ۽ اُهڃاڻ آهي، جيڪو سنڌ جي ٻهراڙين اندر سمايل سنڌ جي ضمير جي زنده هجڻ جو جيئرو جاڳندو ثبوت آهي. سندس پهريون ۽ ازلي عشق ڌرتي سان آهي ۽ ان سان نڀاءُ سندس شاعري جو ڪارج آهي. بنا ڪنهن شڪ جي چئي سگهجي ٿو ته هو عرصي کان سنڌ جي ٻهراڙين سان لاڳاپيل مگر پڙهيل لکيل نوجوانن جو آئيڊيل شاعر بنيل آهي. ڀلي ايوب جا تنقيد نگار سندس ڏات کي پنهنجي ساهمين ۾ توري وزن ڪندا رهن پر ايوب سنڌ جو اهو نوجوان شاعر آهي، جنهن جي نظمن کي سنڌ جي واهڻن ۽ وستين، استاد بخاري جيان هينئين سان هنڊايو ۽ جيءُ ۾ جايون ڏنيون آهن. ايوب جي ڪتابن جا پبلشر گواهي ڏين ٿا ته حيرت انگيز طور سنڌ جي ننڍڙي ۽ ڪنڊائتي وسنديءَ جهڏو تائين عملي طور محدود هجڻ سان گڏ ڪنهن به وڏي نالي واري اديب جي پروجيڪشن جو سهارو نه هوندي به ايوب جي شاعري سنڌ جي وجود کي وڻ ويڙهيءَ جيان ويڙهيل آهي. سندس شاعريءَ جا ڪتاب نه رڳو هٿوهٿ وڪامجن ٿا پر انهن جا ايڊيشن به نڪرن ٿا. ان جو ڪارڻ به سندس اندر ۾ وسندڙ وطن سان غير مشروط عشق آهي، جنهن جو جلوو سندس شاعريءَ جي هر انگ مان پسجي ٿو. مون اڄ تائين سندس ڪي بنهه ٿورا نظم پڙهيا هوندا، جن ۾ سنڌ ڌرتي جو درد سمايل نه هجي! هو سنڌ جو اهو اڪيلو مشهور شاعر آهي، جنهن تي سنڌ جو ماڊرن انٽيليڪچوئل طبقو شايد ان بنياد تي تنقيد ڪري ٿو ته هن گلوبلائزيشن ۽ انفرميشن ٽيڪنالاجي جي دؤر ۾ به هُن پاڻ کي رڳو سنڌ تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي پر شايد اڳتي هلي سنڌ جو تاريخدان کيس ان بنياد تي ئي سڀني کان مٿاهون مان ڏيڻ تي مجبور ٿئي ته هن پنهنجي سڃاڻپ سنڌ کي ئي بڻايو آهي. کيس ڪا اهڙي دعويٰ ڪانهي ته ڪو سندس ڏات ڌرتي کان مٿاهين آهي. هن جي تخليق ۾ ته سنڌ ڪڏهن محبوبا جيان پنهنجي سمورين حسناڪين ۽ البيلين مست ادائن سان ته ڪڏهن ڪنهن جوان وڌوا جيان اداس شامن، ويران صبحن ۽ اجڙيل سينڌ سان جلوا گر آهي، جيڪا ڪڏهن به سندس اداس اکين کان اوجهل نٿي ٿئي. هن جي تخيل جي ڪائنات سنڌ آهي، جنهن سان هن جو فن ۽ فڪر ايئن سلهاڙيل آهن، جيئن مارئي جي پنهنوارن ۽ پکڙن سان پريت اڻمٽ هئي. ايوب جو به الستي انگ پنهنجي وطن سان اڙيل آهي، هو ڏيکاءُ خاطر پنهنجي شاعري ۾ سنڌ جي منظرن جو ذڪر نٿو ڪري پر هو هڪ سچي عاشق جيان بيوس آهي، هو ڪيترو به چاهي ۽ سندس ڏات جي ڪائنات ڪيتري به وسيع ٿي وڃي، پر اها ڪڏهن به سنڌ جي موسمن، منظرن، رسمن، ٿر جي تارن ڀري حسين رات، لاڙ جي لڄارين حسينائن، مهڙاڻي جي چيڪي مٽي، ڪينجهر جي مست هوائن ۽ ڪارونجهر جي مورن جي ٽهوڪن توڙي سنڌ جي آڪاس تي اڪثر اوچتو ڇائنجندڙ ظلم ۽ جبر جي شام غريبان جهڙين شامن تي ڪيڏارن کان سواءِ مڪمل ٿي ئي نٿي سگهي. وٽس سنڌ جي سول سوسائٽي جي پڳدارن وانگي قلم براءِ فروخت جي ڪا گنجائش ڪانهي، جنهن جي آڌار هو سنڌ جي نالي تي دنيا گهمي، رات جو عياشيون ڪري ڏينهن جو ميڊيا جي آڏو سنڌ لاءِ واڳونءَ وارا ڳوڙها ڳاڙيندو هجي. هو سنڌ جي ان مسڪين ڦريل لٽيل اڪثريتي طبقي مان آهي، جيڪي ”آڻين ۽ چاڙهين، ڏٿ ڏهاڙي سومرا“ جيئن برسات ٻوڏ ۾ ٻڏڻ بعد پنهنجي اباڻن ڪکن مان به جلاوطن بنجي ويا هئا. بيگناھ ضيائي ڪاري قانون هيٺ جوڀن جا ڏينهن جيل ۾ گهاريندڙ ۽ ان دؤر ۾ ڪيترن پنهنجن پراون جي روين جي جيءُ جلائيندڙ جهنم جي تپش ۾ به ايوب لاءِ شاعري باھ تي ڇنڊا ۽ گهاون لاءِ مرهم بنجندي رهي. هن روايتي ۽ اصلي سنڌين جيان ان وقت به پنهنجي ذات لاءِ ڪنهن سان ڪو شڪوو يا شڪايت نه ڪئي، بس خاموشيءَ سان لکندو رهيو. ظاهر آهي ته شاعري خاموشي نه پر درد جي اظهار جو سڀ کان سگهارو ڏانءُ آهي ۽ ايوب تي ته ڪوتا جي ڪاڪ نگر جي مومل مهربان ٿي کيس ڪڏهوڪو چونڊي ورتو هو.ايوب تي آيل ان دردناڪ دؤر کي ياد ڪندي هن وقت به منهنجون اکيون آليون ٿي ويون آهن ۽ سوچيان ٿي ته هن ڪيئن اڪيلي سر ان بيرحم وقت جي سنگين پلن کي پاڻ تي سَٺو هوندو! روح کي رهڙيندڙ ۽ ساھ کي سوڙهو ڪندڙ انهن ڏينهن مون کي به مايوس ڪيو هو، جيڪي صرف ڪجهه پل، لمحا ۽ ساعتون نه پر صدين جيڏا سال هئا.ايوب کي شايد ئي ڪنهن ميڊيا آڏو پاڻ وڻائڻ لاءِ سجايل اسٽيجن تي ڏٺو هوندو. هن پنهنجي جيڪا به حيثيت ٺاهي آهي، اها سندس پيار جي پورهئي جو ثمر آهي، اهو سندس سچائي، لگن، محنت ۽ محبت جو ڪمال آهي جو اڄ هو بنا ڪنهن جي ڪلهن تي سواري ڪرڻ جي ان ماڳ تي پهتو آهي جنهن لاءِ گهڻا پيا سڌون ڪندا آهن.ايوب پنهنجي فن ۽ فڪر کي وطن جو ورثو بنائي ڇڏيو آهي، هن جو نظريو سنڌ آهي، جيڪا سندس ڏات تي ڇانيل آهي ۽ ڌرتي جي قرض کي هو پنهنجي روح تي هر لمحي محسوس ڪري ٿو. هو محمود درويش جيان ڌرتي جو شاعر آهي، هن جي دل جي ڌرتيءَ تي ديس جا درد سانوڻي جي مينهن وانگي شاعري بنجي وسندا رهن ٿا.ايوب، فيض جيان پنهنجي شاعريءَ ۾ انقلاب ۽ رومانس کي حيرت انگيز نموني هم آهنگ ڪري، سهڻي انداز ۾ ان جو ايئن اظهار ڪري ٿو، جو چيڪي مٽيءَ جي خوشبو سان واسيل سندس تشبيهون ۽ استعارا، اجرڪ تي ڦلڙين جيئن جڙجڻ ۽ جرڪڻ لڳن ٿا، سندس شاعريءَ جا منظر شهري آلودگيءَ کان پاڪ ڳوٺاڻي فطري ماحول جو مظهر آهن.هو پنهنجي شاعري ۾ وڏي واڪي سچ جا هوڪا ڏي ٿو. نون ميم راشد جيان مفت ۾ خواب وڪڻي ٿو پر جڏهن ڪوئي خريدار نٿو اچي ته مايوس ضرور ٿئي ٿو، پر اهو سچ ڄاڻڻ جي باوجود ته هن ڪوڙ ۽ ڪانئرتا جي ڪلجُڳ ۾ ڪو سچ جو سوداگر نه ايندو، هو پنهنجو سفر جاري ٿو رکي. ڪيڏو ڪٺن ڪم آهي، سچ جي قيمت ڄاڻڻ جي باوجود ان سان نڀائڻ!! پر پنهنجي رستي جي پاڻ چونڊ ڪرڻ کان پوءِ رستن سان شڪايت به ڪهڙي؟!ايوب، رڳو حسين تخيل جي آڏاڻي تي شاعريءَ جي اڻت بعد پاڻ کي آزاد نٿو ڇڏي، پر انهن ڪربناڪ ڪيفيتن سان پڻ ڪميٽيڊ آهي، جيڪي کيس ڏات جي ديوي دان ڪري ٿي. هر سچي تخليڪار وانگي، هو تخليق جي عمل جي پيڙائن مان گذرڻ بعد به ديس مٿان لڙڪندڙ هر درد جي تلوار جي ڌار هيٺان پنهنجي ديس واسين سان گڏ گُذري ٿو.ايوب وٽ نظم جو سگهارو ۽ آبشارن جي رواني جهڙو فطري ۽ دل آويز اظهار آهي، جنهن جا پنهنجا رنگ ۽ ڍنگ آهن. کيس پنهنجو اسلوب آهي جنهن تي ٻئي ڪنهن جو رنگ نٿو جهلڪي. هو سدائين شاعري ۾ پنهنجي گس ۽ گهاڙيٽن تي هلندو رهيو آهي. سندس اظهار جو انداز ڪنهن کان اُڌارو ورتل ناهي. سندس شاعريءَ جي ٻولي سندس سڃاڻپ آهي ڇو ته اها بنهن منفرد آهي. سندس لهجي ۾ حالتن جي تلخي ته بکي ٿي پر سندس لهجو لاڙ ۽ ٿر جي مٺڙن ماڻهن جهڙو مٺو، موهيندڙ ۽ سٻاجهو آهي.ايوب پنهنجي شاعري وسيلي سنڌ جي نج نبار ڳوٺاڻي ثقافتي زندگي جا اهي رنگ پسائي ٿو، جيڪي عام طور اسان جي جديد شاعري ۾ ڳولئي به نه ٿا ملن ۽ جيڪي اسان گهڻو ڪري وساري ويٺا آهيون. هن جي شاعري پڙهندڙ کي انهن وسري ۽ وڃائجي ويل رنگن جو نظارو ڪرائڻ لاءِ پاڻ سان گڏ چيچ پڪڙي وٺي هلي ٿي ۽ پوءِ پڙهندڙ انهن منظرن جي ميلي ۾ ڪنهن ٻار جيان گم ٿي وڃي ٿو.عذابن جا سينا، ڪٿائون صدين جون،شهيدن جا رتبا، صدائون اکين جون،حسينن جون نظرون، ادائون سڳين جون،رتن جا سنيها، دعائون پکين جون،ڪو رهزن انهن کي لٽائي سگهي ٿو،ڪو سنگدل انهن کي کپائي سگهي ٿو،ڪو منحوس تن کي اجهائي سگهي ٿو،انهن جي سو قيمت لڳائي سگهي ٿو،نه جنهن جي رڳن ۾ رهي ٿڃ آهي.هو محبتن جو منڪر ناهي پر کيس ادراڪ آهي ته بسنتون نهارون سڀ ڌرتي تي سک ۽ سڪار کان سواءِ بي معنيٰ آهن.ان ڪري مور جي کنڀن جهڙن حسين پيار جي پلن کي ماڻڻ مهل به کيس ديس جو درد نهوڙي ٿو ۽ ڪيڏارا ياد ٿا اچن.ڪيئن ايندينءَ، پل ڪارا آهن،ڪجلي هت ڪيڏارا آهن.خوشبو جي پرن تي پيار جهڙا گيت لکندڙ ۽ پکين جي اڏارن جهڙا احساس رکندڙ هي اسان جو ڪوي پنهنجي دامن ۾ ڌرتي جو سمورو حسن ۽ درد سهيڙي ويٺل آهي.سندس هر هڪ نظم جي هر سٽ ۾ ڌرتي جون صدائون آهن، انهن کي ڪن لائي ٻڌڻ جون التجائون آهن.ٻڌايو هن غلامي کي ڏيون نالو نئون ڪهڙو؟اسانجا انگ چونڪين تي سدا آهن نهاريا ويا.سندس اندر جي آواز جهڙو هي نظم هانءُ ۾ ڪنهن ڇيت جيان چڀيندڙ مگر اميد ۽ احساس جي خوشگواريت سان ٽمٽار آهي.هن نظم ۾ ايوب جي پنهنجي ذات جي محدود دائرن مان نڪرڻ ۽ اذيتن جي ڄار ۾ قيد ڪنهن پکي وانگيان آزادي جي تڙپ ۽ اڏامڻ جي آس ۽ اڌما آهن.خوشبو وانگي هاڻي وکرڻ چاهيان ٿو مان،خاموشي جي رڻ مان نڪرڻ چاهيان ٿو مان،ڪتبو ناهيان، ڳوڙهو آهيان الڪو آهيان،ٻرندڙ ڄڻ اتهاس جو ڪوئي سڏڪو آهيان،اذيت جي هِن ڄار مان اُڏرڻ چاهيان ٿو مان،خاموشي جي رڻ مان نڪرڻ چاهيان ٿو مان.منهنجي دعا آهي ته شال ايوب جي ڏات خاموشين جي رڻ پٽ مان نڪري خوشين جي خوشبو بنجي چئني ڏسائن ۾ پکڙجي سنڌ جي صدا بنجي وڃي ۽ سندس احساس امرتا ماڻين.گلشن لغاريWe have made it easy for you to find a PDF Ebooks without any digging. And by having access to our ebooks online or by storing it on your computer, you have convenient answers with Rin Te Chandoki (Poetry). To get started finding Rin Te Chandoki (Poetry), you are right to find our website which has a comprehensive collection of manuals listed.
Our library is the biggest of these that have literally hundreds of thousands of different products represented.
Pages
144
Format
PDF, EPUB & Kindle Edition
Publisher
Roshni Publication, Kandiaro, Sindh
Release
2017
ISBN

Rin Te Chandoki (Poetry)

Ayoob Khoso
4.4/5 (1290744 ratings)
Description: ڌرتيءَ جو شاعر: ايوب کوسوايوب کوسو، سنڌ جي ڏات نگر جو اهو وهائو تارو آهي، جيڪو پرھ جي پڪ ڏئي ٿو. هو سنڌ جي نئين نسل جي مزاحمتي شعور جي علامت ۽ اُهڃاڻ آهي، جيڪو سنڌ جي ٻهراڙين اندر سمايل سنڌ جي ضمير جي زنده هجڻ جو جيئرو جاڳندو ثبوت آهي. سندس پهريون ۽ ازلي عشق ڌرتي سان آهي ۽ ان سان نڀاءُ سندس شاعري جو ڪارج آهي. بنا ڪنهن شڪ جي چئي سگهجي ٿو ته هو عرصي کان سنڌ جي ٻهراڙين سان لاڳاپيل مگر پڙهيل لکيل نوجوانن جو آئيڊيل شاعر بنيل آهي. ڀلي ايوب جا تنقيد نگار سندس ڏات کي پنهنجي ساهمين ۾ توري وزن ڪندا رهن پر ايوب سنڌ جو اهو نوجوان شاعر آهي، جنهن جي نظمن کي سنڌ جي واهڻن ۽ وستين، استاد بخاري جيان هينئين سان هنڊايو ۽ جيءُ ۾ جايون ڏنيون آهن. ايوب جي ڪتابن جا پبلشر گواهي ڏين ٿا ته حيرت انگيز طور سنڌ جي ننڍڙي ۽ ڪنڊائتي وسنديءَ جهڏو تائين عملي طور محدود هجڻ سان گڏ ڪنهن به وڏي نالي واري اديب جي پروجيڪشن جو سهارو نه هوندي به ايوب جي شاعري سنڌ جي وجود کي وڻ ويڙهيءَ جيان ويڙهيل آهي. سندس شاعريءَ جا ڪتاب نه رڳو هٿوهٿ وڪامجن ٿا پر انهن جا ايڊيشن به نڪرن ٿا. ان جو ڪارڻ به سندس اندر ۾ وسندڙ وطن سان غير مشروط عشق آهي، جنهن جو جلوو سندس شاعريءَ جي هر انگ مان پسجي ٿو. مون اڄ تائين سندس ڪي بنهه ٿورا نظم پڙهيا هوندا، جن ۾ سنڌ ڌرتي جو درد سمايل نه هجي! هو سنڌ جو اهو اڪيلو مشهور شاعر آهي، جنهن تي سنڌ جو ماڊرن انٽيليڪچوئل طبقو شايد ان بنياد تي تنقيد ڪري ٿو ته هن گلوبلائزيشن ۽ انفرميشن ٽيڪنالاجي جي دؤر ۾ به هُن پاڻ کي رڳو سنڌ تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي پر شايد اڳتي هلي سنڌ جو تاريخدان کيس ان بنياد تي ئي سڀني کان مٿاهون مان ڏيڻ تي مجبور ٿئي ته هن پنهنجي سڃاڻپ سنڌ کي ئي بڻايو آهي. کيس ڪا اهڙي دعويٰ ڪانهي ته ڪو سندس ڏات ڌرتي کان مٿاهين آهي. هن جي تخليق ۾ ته سنڌ ڪڏهن محبوبا جيان پنهنجي سمورين حسناڪين ۽ البيلين مست ادائن سان ته ڪڏهن ڪنهن جوان وڌوا جيان اداس شامن، ويران صبحن ۽ اجڙيل سينڌ سان جلوا گر آهي، جيڪا ڪڏهن به سندس اداس اکين کان اوجهل نٿي ٿئي. هن جي تخيل جي ڪائنات سنڌ آهي، جنهن سان هن جو فن ۽ فڪر ايئن سلهاڙيل آهن، جيئن مارئي جي پنهنوارن ۽ پکڙن سان پريت اڻمٽ هئي. ايوب جو به الستي انگ پنهنجي وطن سان اڙيل آهي، هو ڏيکاءُ خاطر پنهنجي شاعري ۾ سنڌ جي منظرن جو ذڪر نٿو ڪري پر هو هڪ سچي عاشق جيان بيوس آهي، هو ڪيترو به چاهي ۽ سندس ڏات جي ڪائنات ڪيتري به وسيع ٿي وڃي، پر اها ڪڏهن به سنڌ جي موسمن، منظرن، رسمن، ٿر جي تارن ڀري حسين رات، لاڙ جي لڄارين حسينائن، مهڙاڻي جي چيڪي مٽي، ڪينجهر جي مست هوائن ۽ ڪارونجهر جي مورن جي ٽهوڪن توڙي سنڌ جي آڪاس تي اڪثر اوچتو ڇائنجندڙ ظلم ۽ جبر جي شام غريبان جهڙين شامن تي ڪيڏارن کان سواءِ مڪمل ٿي ئي نٿي سگهي. وٽس سنڌ جي سول سوسائٽي جي پڳدارن وانگي قلم براءِ فروخت جي ڪا گنجائش ڪانهي، جنهن جي آڌار هو سنڌ جي نالي تي دنيا گهمي، رات جو عياشيون ڪري ڏينهن جو ميڊيا جي آڏو سنڌ لاءِ واڳونءَ وارا ڳوڙها ڳاڙيندو هجي. هو سنڌ جي ان مسڪين ڦريل لٽيل اڪثريتي طبقي مان آهي، جيڪي ”آڻين ۽ چاڙهين، ڏٿ ڏهاڙي سومرا“ جيئن برسات ٻوڏ ۾ ٻڏڻ بعد پنهنجي اباڻن ڪکن مان به جلاوطن بنجي ويا هئا. بيگناھ ضيائي ڪاري قانون هيٺ جوڀن جا ڏينهن جيل ۾ گهاريندڙ ۽ ان دؤر ۾ ڪيترن پنهنجن پراون جي روين جي جيءُ جلائيندڙ جهنم جي تپش ۾ به ايوب لاءِ شاعري باھ تي ڇنڊا ۽ گهاون لاءِ مرهم بنجندي رهي. هن روايتي ۽ اصلي سنڌين جيان ان وقت به پنهنجي ذات لاءِ ڪنهن سان ڪو شڪوو يا شڪايت نه ڪئي، بس خاموشيءَ سان لکندو رهيو. ظاهر آهي ته شاعري خاموشي نه پر درد جي اظهار جو سڀ کان سگهارو ڏانءُ آهي ۽ ايوب تي ته ڪوتا جي ڪاڪ نگر جي مومل مهربان ٿي کيس ڪڏهوڪو چونڊي ورتو هو.ايوب تي آيل ان دردناڪ دؤر کي ياد ڪندي هن وقت به منهنجون اکيون آليون ٿي ويون آهن ۽ سوچيان ٿي ته هن ڪيئن اڪيلي سر ان بيرحم وقت جي سنگين پلن کي پاڻ تي سَٺو هوندو! روح کي رهڙيندڙ ۽ ساھ کي سوڙهو ڪندڙ انهن ڏينهن مون کي به مايوس ڪيو هو، جيڪي صرف ڪجهه پل، لمحا ۽ ساعتون نه پر صدين جيڏا سال هئا.ايوب کي شايد ئي ڪنهن ميڊيا آڏو پاڻ وڻائڻ لاءِ سجايل اسٽيجن تي ڏٺو هوندو. هن پنهنجي جيڪا به حيثيت ٺاهي آهي، اها سندس پيار جي پورهئي جو ثمر آهي، اهو سندس سچائي، لگن، محنت ۽ محبت جو ڪمال آهي جو اڄ هو بنا ڪنهن جي ڪلهن تي سواري ڪرڻ جي ان ماڳ تي پهتو آهي جنهن لاءِ گهڻا پيا سڌون ڪندا آهن.ايوب پنهنجي فن ۽ فڪر کي وطن جو ورثو بنائي ڇڏيو آهي، هن جو نظريو سنڌ آهي، جيڪا سندس ڏات تي ڇانيل آهي ۽ ڌرتي جي قرض کي هو پنهنجي روح تي هر لمحي محسوس ڪري ٿو. هو محمود درويش جيان ڌرتي جو شاعر آهي، هن جي دل جي ڌرتيءَ تي ديس جا درد سانوڻي جي مينهن وانگي شاعري بنجي وسندا رهن ٿا.ايوب، فيض جيان پنهنجي شاعريءَ ۾ انقلاب ۽ رومانس کي حيرت انگيز نموني هم آهنگ ڪري، سهڻي انداز ۾ ان جو ايئن اظهار ڪري ٿو، جو چيڪي مٽيءَ جي خوشبو سان واسيل سندس تشبيهون ۽ استعارا، اجرڪ تي ڦلڙين جيئن جڙجڻ ۽ جرڪڻ لڳن ٿا، سندس شاعريءَ جا منظر شهري آلودگيءَ کان پاڪ ڳوٺاڻي فطري ماحول جو مظهر آهن.هو پنهنجي شاعري ۾ وڏي واڪي سچ جا هوڪا ڏي ٿو. نون ميم راشد جيان مفت ۾ خواب وڪڻي ٿو پر جڏهن ڪوئي خريدار نٿو اچي ته مايوس ضرور ٿئي ٿو، پر اهو سچ ڄاڻڻ جي باوجود ته هن ڪوڙ ۽ ڪانئرتا جي ڪلجُڳ ۾ ڪو سچ جو سوداگر نه ايندو، هو پنهنجو سفر جاري ٿو رکي. ڪيڏو ڪٺن ڪم آهي، سچ جي قيمت ڄاڻڻ جي باوجود ان سان نڀائڻ!! پر پنهنجي رستي جي پاڻ چونڊ ڪرڻ کان پوءِ رستن سان شڪايت به ڪهڙي؟!ايوب، رڳو حسين تخيل جي آڏاڻي تي شاعريءَ جي اڻت بعد پاڻ کي آزاد نٿو ڇڏي، پر انهن ڪربناڪ ڪيفيتن سان پڻ ڪميٽيڊ آهي، جيڪي کيس ڏات جي ديوي دان ڪري ٿي. هر سچي تخليڪار وانگي، هو تخليق جي عمل جي پيڙائن مان گذرڻ بعد به ديس مٿان لڙڪندڙ هر درد جي تلوار جي ڌار هيٺان پنهنجي ديس واسين سان گڏ گُذري ٿو.ايوب وٽ نظم جو سگهارو ۽ آبشارن جي رواني جهڙو فطري ۽ دل آويز اظهار آهي، جنهن جا پنهنجا رنگ ۽ ڍنگ آهن. کيس پنهنجو اسلوب آهي جنهن تي ٻئي ڪنهن جو رنگ نٿو جهلڪي. هو سدائين شاعري ۾ پنهنجي گس ۽ گهاڙيٽن تي هلندو رهيو آهي. سندس اظهار جو انداز ڪنهن کان اُڌارو ورتل ناهي. سندس شاعريءَ جي ٻولي سندس سڃاڻپ آهي ڇو ته اها بنهن منفرد آهي. سندس لهجي ۾ حالتن جي تلخي ته بکي ٿي پر سندس لهجو لاڙ ۽ ٿر جي مٺڙن ماڻهن جهڙو مٺو، موهيندڙ ۽ سٻاجهو آهي.ايوب پنهنجي شاعري وسيلي سنڌ جي نج نبار ڳوٺاڻي ثقافتي زندگي جا اهي رنگ پسائي ٿو، جيڪي عام طور اسان جي جديد شاعري ۾ ڳولئي به نه ٿا ملن ۽ جيڪي اسان گهڻو ڪري وساري ويٺا آهيون. هن جي شاعري پڙهندڙ کي انهن وسري ۽ وڃائجي ويل رنگن جو نظارو ڪرائڻ لاءِ پاڻ سان گڏ چيچ پڪڙي وٺي هلي ٿي ۽ پوءِ پڙهندڙ انهن منظرن جي ميلي ۾ ڪنهن ٻار جيان گم ٿي وڃي ٿو.عذابن جا سينا، ڪٿائون صدين جون،شهيدن جا رتبا، صدائون اکين جون،حسينن جون نظرون، ادائون سڳين جون،رتن جا سنيها، دعائون پکين جون،ڪو رهزن انهن کي لٽائي سگهي ٿو،ڪو سنگدل انهن کي کپائي سگهي ٿو،ڪو منحوس تن کي اجهائي سگهي ٿو،انهن جي سو قيمت لڳائي سگهي ٿو،نه جنهن جي رڳن ۾ رهي ٿڃ آهي.هو محبتن جو منڪر ناهي پر کيس ادراڪ آهي ته بسنتون نهارون سڀ ڌرتي تي سک ۽ سڪار کان سواءِ بي معنيٰ آهن.ان ڪري مور جي کنڀن جهڙن حسين پيار جي پلن کي ماڻڻ مهل به کيس ديس جو درد نهوڙي ٿو ۽ ڪيڏارا ياد ٿا اچن.ڪيئن ايندينءَ، پل ڪارا آهن،ڪجلي هت ڪيڏارا آهن.خوشبو جي پرن تي پيار جهڙا گيت لکندڙ ۽ پکين جي اڏارن جهڙا احساس رکندڙ هي اسان جو ڪوي پنهنجي دامن ۾ ڌرتي جو سمورو حسن ۽ درد سهيڙي ويٺل آهي.سندس هر هڪ نظم جي هر سٽ ۾ ڌرتي جون صدائون آهن، انهن کي ڪن لائي ٻڌڻ جون التجائون آهن.ٻڌايو هن غلامي کي ڏيون نالو نئون ڪهڙو؟اسانجا انگ چونڪين تي سدا آهن نهاريا ويا.سندس اندر جي آواز جهڙو هي نظم هانءُ ۾ ڪنهن ڇيت جيان چڀيندڙ مگر اميد ۽ احساس جي خوشگواريت سان ٽمٽار آهي.هن نظم ۾ ايوب جي پنهنجي ذات جي محدود دائرن مان نڪرڻ ۽ اذيتن جي ڄار ۾ قيد ڪنهن پکي وانگيان آزادي جي تڙپ ۽ اڏامڻ جي آس ۽ اڌما آهن.خوشبو وانگي هاڻي وکرڻ چاهيان ٿو مان،خاموشي جي رڻ مان نڪرڻ چاهيان ٿو مان،ڪتبو ناهيان، ڳوڙهو آهيان الڪو آهيان،ٻرندڙ ڄڻ اتهاس جو ڪوئي سڏڪو آهيان،اذيت جي هِن ڄار مان اُڏرڻ چاهيان ٿو مان،خاموشي جي رڻ مان نڪرڻ چاهيان ٿو مان.منهنجي دعا آهي ته شال ايوب جي ڏات خاموشين جي رڻ پٽ مان نڪري خوشين جي خوشبو بنجي چئني ڏسائن ۾ پکڙجي سنڌ جي صدا بنجي وڃي ۽ سندس احساس امرتا ماڻين.گلشن لغاريWe have made it easy for you to find a PDF Ebooks without any digging. And by having access to our ebooks online or by storing it on your computer, you have convenient answers with Rin Te Chandoki (Poetry). To get started finding Rin Te Chandoki (Poetry), you are right to find our website which has a comprehensive collection of manuals listed.
Our library is the biggest of these that have literally hundreds of thousands of different products represented.
Pages
144
Format
PDF, EPUB & Kindle Edition
Publisher
Roshni Publication, Kandiaro, Sindh
Release
2017
ISBN
loader